چترا سنگهه

چترا سنگهه

چترا سنگهه

چترا سنگهه: هندستان جي ناليواري غزل گائڪا چتراسنگهه، ڪلڪتي جي هڪ بنگالي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو چترا دتا آهي. چتراسنگهه جڳ مشهور غزل گائڪ سرڳواسي جگجيت سنگهه جي گهر واري آهي. هن جگجيت سان گڏجي ڪيترا غزل ڳايا، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿيا. چترا ۽ جگجيت جا ڪيترا گڏيل البم رليز ٿيا، جن به تمام گهڻي مشهوري ماڻي. چتراسنگهه موسيقيءَ جي ڪا مخصوص سکيا ته نه ورتي هئي، پر جيئن ته سندس ماءُ هڪ ڪلاسيڪل ڳائڻي هئي، ان ڪري راڳ کيس ورثي ۾ مليو.
جگجيت سنگهه سان سندس ملاقات بمبئيءَ ۾ 1965ع ڌاري ٿي ۽ اها ويجهڙائپ وڌندي رهي ۽ 1969ع ۾ ٻئي شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا. شاديءَ وقت اڳئين مڙس مان هڪ ڌيءُ مونيڪا هئي، جنهن 2009ع ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي. جگجيت سنگهه سان شاديءَ کان پوءِ 1971ع ۾ کيس هڪ پٽ وويڪ ڄائو، جيڪو به 18 سالن جي عمر ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو، پٽ جي صدمي سبب چتراسنگهه ڳائڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ جگجيت ۽ سندس وچ ۾ به عليحدگي ٿي وئي.
چتراسنگهه جا هندي، پنجابي ۽ بنگاليءَ ۾ غزلن جا ڪيترائي البم موجود آهن. ان کان سواءِ ڌرمي حوالي سان به ڪيترا ڀڄن وغيره ڳاتا، جن ۾ ’هاءِ رام‘، ’شابداس‘، ’ڪرشنا‘ ۽ ’چراغ‘ تمام گهڻو مقبول ٿيا. سندس ڳايل بنگالي گيت اڄ به دنيا سميت ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ وڌيڪ پسند ڪيا وڃن ٿا. سندس اردو غزلن ۾ ’يه تـيـرا گهـر، يـه ميـرا گهـر‘، ’تـم آؤ تـو سـهـي‘، ’وُه نهين ملتا مجهي‘، ’ساري بدن ڪا خون‘ وڌيڪ مشهور ٿيا.
چترا جي جگجيت سنگهه سان گڏ جاري ڪيل البمن ۾ ’عشق ۾ غيرت جذبات هي‘، ’آئي هين سمجهاني لوگ‘، ’اس ڪي حسرت هي‘ وغيره مقبول رهيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو